پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائي، باجوڙ ۾ بارودي مادي جي ڌماڪي سبب متاثر ٻارن جي زندگي بچائي وئي

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائي ۾ باجوڙ ۾ بارودي مادي جي ڌماڪي ۾ متاثر ٻارن جي زندگي بچائي وئي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن واقعي واري جاءِ جو جائزو وٺي شاهديون گڏ ڪيون. تفصيل مطابق باجوڙ جي علائقي لغڙئي ۾ فتنه الخوارج جو ڇڏيل بارودي مادو ڦاٽڻ سبب 3 ٻار شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا هئا، اهو افسوسناڪ واقعو 27 سيپٽمبر تي پيش …

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائي ۾ باجوڙ ۾ بارودي مادي جي ڌماڪي ۾ متاثر ٻارن جي زندگي بچائي وئي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن واقعي واري جاءِ جو جائزو وٺي شاهديون گڏ ڪيون. تفصيل مطابق باجوڙ جي علائقي لغڙئي ۾ فتنه الخوارج جو ڇڏيل بارودي مادو ڦاٽڻ سبب 3 ٻار شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا هئا، اهو افسوسناڪ واقعو 27 سيپٽمبر تي پيش آيو هو، متاثر ٻار فتنه الخوارج جي ڇڏيل مواد سان کيڏي رهيا هئا ته ڌماڪو ٿيو، پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي زخمي ٻارن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي پشاور منتقل ڪيو، زخمي ٻارن جو علاج پاڪ فوج جي ماهر  ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ سي ايم ايڇ  پشاور ۾ جاري آهي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن واقعي واري جاءِ جو ڪڙو چاڙهي شاهديون گڏ ڪري ورتيون، اهو سانحو ثبوت آهي ته فتنه الخوارج علائقي ۾ ڪهڙي طرح خطرناڪ بارودي ڄار وڇايو آهي، فتنه الخوارج ماضي ۾ به مسجدن ۽ گهرن جي آڙ ۾ دهشتگرد ڪارروائيون ڪندا رهيا آهن، تيراه وادي ۾ به فتنه الخوارج جو ذخيرو ٿيل بارودي مواد  ڦاٽڻ سبب ڪيترائي معصوم شهري شهيد ۽ 14 دهشتگرد مارجي ويا هئا، ڌماڪي جو اهو افسوسناڪ واقعو ثابت ڪري ٿو ته خوارج شهري آبادين کي ڍال طور استعمال ڪندا آهن. مقامي آبادي جي سهڪار سان پاڪ فوج باجوڙ جي علائقن کي بارودي مواد کان صاف ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي، عوام جي سهڪار سان سيڪيورٽي فورسز ۽ لاڳاپيل ادارا باجوڙ کي فتنه الخوارج جي خطرن کان جلد مڪمل پاڪ ڪندا.

مزید خبریں