پاڪستان تازي سالن ۾ سياحت جي ترقي ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان تازي سالن ۾ سياحت جي ترقي ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي، حيرت انگيز قدرتي حسن، شاندار ثقافتي ورثي ۽ شاندار مهمان نوازي سان مالامال پاڪستان هڪ منفرد مقام رکي ٿو، قراقرم ۽ هماليه جي بُلند چوٽين کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن تائين، موهن جو دڙو، مهر ڳڙهه، هڙپه ۽ …

اسلام آباد _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان تازي سالن ۾ سياحت جي ترقي ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي، حيرت انگيز قدرتي حسن، شاندار ثقافتي ورثي ۽ شاندار مهمان نوازي سان مالامال پاڪستان هڪ منفرد مقام رکي ٿو، قراقرم ۽ هماليه جي بُلند چوٽين کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن تائين، موهن جو دڙو، مهر ڳڙهه، هڙپه ۽ ٽيڪسلا جي ثقافتي دولت کان وٺي جديد شهرن تائين اسان جو ملڪ پائيدار سياحت جو مرڪز بنجڻ جي زبردست صلاحيت رکي ٿو، سياحت جي ترقي کي گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن (ايس ڊي جيز) سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ پائيدار سياحت جي پاليسين تي فعال طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سياحت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ (27 سيپٽمبر) جڏهن اسان عالمي برادري سان گڏجي سياحت جو ڏهاڙو 2025ع ملهائي رهيا آهيون ته اسان هن سال جي موضوع ”سياحت ۽ پائيدار تبديلي“ کي اختيار ڪريون ٿا، اهو موضوع اسان کي ان تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو ته دنيا جي سڀ کان وڏي اقتصادي شعبن مان هڪ هجڻ جي ناطي خاص طور تي موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي اڻبرابري جي موجوده دور ۾ سياحت مثبت تبديلي جو ذريعو ڪيئن بڻجي سگهي ٿي. صدر چيو ته حيرت انگيز قدرتي حسن، شاندار ثقافتي ورثي ۽ ڀرپور مهمان نوازي سان مالامال پاڪستان هڪ منفرد موڙ تي بيٺل آهي، قراقرم ۽ هماليه جي بُلند چوٽين کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن تائين، موهن جو دڙو، مهر ڳڙهه، هڙپه ۽ ٽيڪسلا جي ثقافتي دولت کان وٺي جديد شهرن تائين اسان جو ملڪ پائيدار سياحت جو مرڪز بڻجڻ جي زبردست صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان کي انهن چئلينجن جو به اعتراف ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته تازن سالن ۾ پاڪستان سياحت جي ترقي ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي، سياحن جي مقامي ۽ عالمي دلچسپي ۾ خاص طور تي مهم جوئي، مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي شعبن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ناڪافي بنيادي ڍانچي، ماحولياتي ڏڪار، پاليسين تي عملدرآمد ۾ عدم استحڪام ۽ مقامي ڪميونٽيز جي شموليت جي کوٽ جهڙا مسئلا اڃا به اهم رڪاوٽون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته خاص طور تي موسمياتي تبديلي هڪ وڌندڙ خطرو آهي. گليشيئرز جو وگهرڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ موسمي شدت نه رڳو اسان جي ماحولياتي نظام پر اسان جي ثقافتي ۽ تاريخي جاين جي لاءِ پڻ خطرو آهي، جيڪڏهن سياحت کي پائيدار تبديلي جو ذريعو بڻائڻو آهي ته ماحولياتي تحفظ کي ان جو بنياد هجڻ گهرجي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي خلاف بنيادي ڍانچي جي تعمير، ماحول تي گهٽ اثر واري سياحت جي حوصلا افزائي ۽ حياتياتي تنوع جو تحفظ اسان کي پنهنجون قومي ترجيحون بڻائڻيون پونديون، هن وقت حڪمت عملي سان گڏ سوچ ۽ گڏيل عزم جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پائيدار سياحت ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي اسان وٽ مقامي معيشتن کي مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي ڳوٺاڻي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ جامع روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو موقعو آهي، ذميواراڻي طور تي منظم ڪيل سياحت ثقافتي فهم ۽ فراصت، امن جي واڌاري ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان جي قدرتي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. صدر چيو ته پاڪستان جي حڪومت سياحت جي ترقي کي گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن (ايس ڊي جيز) سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ پائيدار سياحت جي پاليسين تي فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. سياحت سان واڳيل ڪاروبارن جي لاءِ گرين سرٽيفڪيشن کي اختيار ڪرڻ ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل ۽ ماحول دوست سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪمت عملين کي ٺوس ڪرڻ اهم هدف آهن پر حڪومت اڪيلي اهو خواب پورو نٿي ڪري سگهي، پرائيويٽ سيڪٽر، سول سوسائٽي، مقامي ڪميونٽيز ۽ خاص طور تي اسان جي نوجوانن کي پاڪستان کي پائيدار سياحت جي مرڪز ۾ بدلائڻ جي عمل ۾ فعال حصيدار بڻجڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اچو، گڏجي ان مستقبل طرف ڪم ڪريون جتي پاڪستان ۾ سياحت زندگي جي معيار کي بلند ڪري، اسان جي زمين جو تحفظ ڪري ۽ پاڪستان جي بهترين تصوير بطور عالمي معيار جي سياحتي منزل دنيا آڏو پيش ڪري.

مزید خبریں