سياحت ڪنهن به ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي: سردار اياز صادق

اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سياحت ڪنهن به ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ سان نه صرف ملڪي معيشت کي هٿي ملي سگهي ٿي پر روزگار جا بيشمار موقعا پڻ پيدا ٿيندا، عوامي خوشحالي وڌندي ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت …

اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سياحت ڪنهن به ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ سان نه صرف ملڪي معيشت کي هٿي ملي سگهي ٿي پر روزگار جا بيشمار موقعا پڻ پيدا ٿيندا، عوامي خوشحالي وڌندي ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ روشن چهرو اجاگر ٿيندو. اهڙو اظهار هن سياحت واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو 27 سيپٽمبر سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ، قدرتي حسن، قديم تهذيبن ۽ مذهبي ۽ ثقافتي ورثي عيوض سڄي دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سُڃاڻپ صرف بلند پهاڙين، رڻ پٽ ۽ سامونڊي علائقن تائين محدود ناهي پر ڪيلاش وادي جون روايتون، گنڌارا تهذيب جي شان شوڪت ۽ ڪرتارپور ڪوريڊور جهڙن روحاني مرڪزن سبب سڄي دنيا جي مذهبن ۽ ثقافتن لاءِ پرڪشش مرڪز بڻيل آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته حڪومت مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع ويز پاليسي اختيار ڪئي آهي جنهن تحت سک، هندو ۽ ٻڌمت کي مڃيندڙن لاءِ مقدس ماڳن تائين رسائيءَ کي آسان بڻايو ويو. هن چيو ته اهي قدم نه صرف بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي احترام کي هٿي ڏين ٿا پر پاڪستان جي پُرامن ۽ مهمان نواز سُڃاڻپ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ امن امان بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسپيڪر ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام جي ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، نجي شعبي ۽ لاڳاپيل عملدارن تي زور ڀريو ته هو سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مربوط ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪن ته جيئن پاڪستان جي قدرتي ۽ ثقافتي خزانن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائي سگهجي. هن چيو ته ڪي ٽو جي برف پوش چوٽين کان وٺي شندور جي بلند ترين پولو گرائونڊ تائين پُرسڪون ڍنڍن کان وسيع رڻ پٽ تائين پاڪستان مهم جوئي ۽ فطرت سان محبت ڪندڙن لاءِ جنت مثال آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ پائيدار سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن سماجي انصاف، معاشي موقعن، ثقافتي ترقي ۽ قومي اتحاد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ ذريعي اسان هڪ پُرامن ۽ خوشحال ترقي يافته پاڪستان جو بنياد رکي سگهون ٿا. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياحت نه صرف معاشي ترقيءَ جو ذريعو آهي پر هي مقامي آبادين لاءِ سڌيءَ ريت فائديمند ۽ سماجي توازن جو سبب بڻيل آهي. هن چيو ته اهڙا ماڊلز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان مقامي ڪميونٽيز کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي. ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته مذهبي سياحن لاءِ حڪومت جي سهولتن ۽ انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ جاري سلامتيءَ جا قدم پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون وڌايو وڃي ته جيئن قومي ترقي ۽ عالمي سُڃاڻپ لاءِ سياحت جي ان اهم موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي.

مزید خبریں