وزيراعظم پاران ماحولياتي بحران سڀ کان اهم عالمي چئلينج قرار

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي بحران کي سڀ کان اهم عالمي چئلينج قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي بحران سڀ کان فوري عالمي چئلينج آهي، 2022ع ۾ پاڪستان …

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي بحران کي سڀ کان اهم عالمي چئلينج قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي بحران سڀ کان فوري عالمي چئلينج آهي، 2022ع ۾ پاڪستان کي شديد ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن جو نقصان 34 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو، ان کانسواءِ قيمتي جانيون به ضايع ٿيون، هن سال ٻيهر هڪ وڏي ٻوڏ هزارين ڳوٺ وهائي ڇڏيا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، هڪ هزار کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ فصل تباهه ٿي ويا، فصل، چوپائي مال ۽ ملڪيتن جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي غيرمعمولي سگهه سان ان آفت جو مقابلو ڪري رهيو آهي، حڪومت موسمياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، 2022ع ۽ 2025ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسمياتي تبديلين جي ڪري آئي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان جو عالمي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي ڪري اسان کي قرض وٺڻا پون ٿا، اهو انصاف نه آهي، قرض معيشت جي لاءِ تباهي آڻيندڙ آهن، اسان ڀرپور محنت ڪنداسين، پنهنجي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين.

مزید خبریں