صدر آصف علي زرداري سان چين جي قونصل جنرل جي ملاقات

ڪراچي _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دوري دوران صحيحون ٿيندڙ مفاهمتي دستاويز پاڪستاني عوام خاص طور تي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان واڳيل آبادگارن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري چين جي ڪراچي ۾ قونصل جنرل يانگ يون دونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن صدر …

ڪراچي _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دوري دوران صحيحون ٿيندڙ مفاهمتي دستاويز پاڪستاني عوام خاص طور تي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان واڳيل آبادگارن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري چين جي ڪراچي ۾ قونصل جنرل يانگ يون دونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيني قونصلر جنرل صدر آصف علي زرداري کي چين جي ڪامياب دوري جي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چين جي دوري دوران چيني قيادت جي مهمان نوازي ۽ خيرسگالي تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته دوري دوران صحيحون ٿيندڙ مفاهمتي دستاويز پاڪستاني عوام خاص طور تي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان واڳيل آبادگارن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. صدر آصف علي زرداري بيجنگ ۾ سي پيڪ جي گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جي 14هين اجلاس جي پڻ آجيان ڪئي. صدر سي پيڪ فيز ٽو جي شروعات کي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو نئون مرحلو عوامي ترقي، جدت، زراعت ۽ روانگي واپار جي فروغ تي مرڪوز هجڻ جي ڪري پاڪستان جي معيشت جي لاءِ نيون راهون کوليندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته سي پيڪ فيز ٽو پاڪستان ۽ چين جي هر موسم جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. صدر آصف علي زرداري چين جي حڪومت ۽ عوام کي چين جي قومي ڏينهن جي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چين جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں