صحت واري وفاقي وزير ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل پروفيشنلز لاءِ لائسنسنگ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم اينڊ ڊي سي) جي ڪراچي ريجنل آفيس ۾ باضابطه طور ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل پروفيشنلز لاءِ لائسنسنگ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته هي قدم ميڊيڪل ۽ ڊينٽل گريجوئيٽس ۽ پريڪٽيشنرز جي سهولت لاءِ کنيو ويو آهي، هي …

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم اينڊ ڊي سي) جي ڪراچي ريجنل آفيس ۾ باضابطه طور ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل پروفيشنلز لاءِ لائسنسنگ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته هي قدم ميڊيڪل ۽ ڊينٽل گريجوئيٽس ۽ پريڪٽيشنرز جي سهولت لاءِ کنيو ويو آهي، هي ڊجيٽل قدم رجسٽريشن جي عمل کي آسان ۽ تيز بڻائڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل پريڪٽيشنرز کي ڪراچي کان اسلام آباد هيڊ آفيس وڃڻ جي ضرورت نه رهندي ۽ سموري رجسٽريشن سروسز پي ايم اينڊ ڊي سي ڪراچي ريجنل آفيس ۾ دستياب هوندي. هن چيو ته ڪراچي ريجنل آفيس به آن لائن درخواستون جمع ڪرائڻ ۽ پروسيسنگ ۾ مدد فراهم ڪندي، جيڪي ڊاڪٽر ۽ آن لائن پورٽل تي درخواست فارم ڀرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيندا انهن کي ريجنل آفيس جي عملي طرفان مڪمل مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ان قدم سان نون گريجوئيٽس، ميڊيڪل ۽ ڊينٽل پروفيشنلز ۽ اسپيشلسٽس پنهنجي رجسٽريشن جلد ۽ محفوظ طريقي سان مڪمل ڪري سگهندا، هن نظام سان وڌيڪ شفافيت، موثريت ۽ سهولت کي هٿي ملندي، ميڊيڪل ايجوڪيشن جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں