اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پهرين پائليٽ مال گاڏيءَ جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن جيڪا پنهنجي شروعاتي سفر ۾ 16 ڪنٽينرز تي ٻَڌل چانورن جي کيپ کڻي رواني ٿيندي. هي منصوبو 9هين بين الحڪومتي ڪميشن تحت شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ڪراچي بندرگاهه کي ايران، ترڪمانستان ۽ قازقستان رستي ماسڪو سان ڳنڍڻ آهي. مئي 2025ع ۾ پاڪستان …
پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پهرين مال گاڏيءَ جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پهرين پائليٽ مال گاڏيءَ جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن جيڪا پنهنجي شروعاتي سفر ۾ 16 ڪنٽينرز تي ٻَڌل چانورن جي کيپ کڻي رواني ٿيندي. هي منصوبو 9هين بين الحڪومتي ڪميشن تحت شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ڪراچي بندرگاهه کي ايران، ترڪمانستان ۽ قازقستان رستي ماسڪو سان ڳنڍڻ آهي. مئي 2025ع ۾ پاڪستان ريلوي ۽ روسي ريلوي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو جنهن ان تاريخي سروس جي راهه هموار ڪئي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب چانورن جا ڪنٽينرز جون ۾ روانگي لاءِ تيار هئا پر خطي جي صورتحال سبب دير ٿي وئي، هاڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين روانگي جي تاريخ طئي ڪرڻ تي ڳالهيون جاري آهن. پيش ڪيل ڪوريڊور جي مجموعي ڊيگهه 7 هزار ڪلوميٽر کان ڪجهه وڌيڪ هوندي ۽ اندازو آهي ته مال گاڏي 20 کان 25 ڏينهن ۾ ماسڪو پهچندي، جڏهن ته في ڪنٽينرز جي لاڳت تقريبن 5600 آمريڪي ڊالر هوندي. هي منصوبو سمنڊ رستي جي ڀيٽ ۾ تيز ۽ گهٽ لاڳت متبادل فراهم ڪندو ۽ پاڪستاني زرعي جنسن لاءِ روس ۽ وچ ايشيائي مارڪيٽن جا دروازا کوليندو.











