اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ حج ٽوئر آپريٽرز گذريل سال حج کان محروم رهندڙ ماڻهن جي بُڪنگ جي حوالي سان خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، 17 آڪٽوبر تائين انهن جي بُڪنگ مڪمل ڪئي ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان گذريل حج جي حوالي سان ريفنڊ ۽ حج 2025ع جي پيڪيج ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي عوام …
پرائيويٽ حج ٽوئر آپريٽرز پاران گذريل سال حج کان محروم رهندڙ ماڻهن جي 17 آڪٽوبر تائين بُڪنگ مڪمل ڪئي ويندي: مذهبي معاملن واري وزارت جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ حج ٽوئر آپريٽرز گذريل سال حج کان محروم رهندڙ ماڻهن جي بُڪنگ جي حوالي سان خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، 17 آڪٽوبر تائين انهن جي بُڪنگ مڪمل ڪئي ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان گذريل حج جي حوالي سان ريفنڊ ۽ حج 2025ع جي پيڪيج ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي عوام کي اپيل ڪئي ته هو اهڙي مواد کي رپورٽ ڪن ته جيئن اهڙين ڌُرين خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ جاري آهي، سمورن منظم ڪمپنين وزارت کي خاطري ڪرائي ته گذريل سال پرائيويٽ حج اسڪيم کان محروم رهندڙ 22092 ماڻهن جي بُڪنگ جاري آهي، انهن جي بُڪنگ لاءِ وزارت ڪمپنين کي 17 آڪٽوبر تائين جو وقت ڏنو آهي. پرائيويٽ اسڪيم تحت بُڪنگ ڪندڙ ماڻهن کي وزارت طرفان چيو ويو آهي ته هو وزارت جي ويب سائٽ تي موجود ڪمپنين کان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين، پي آرڊر ذريعي انهن کي رقم ادا ڪن، ان سان گڏ ڪمپني جي ليٽر پيڊ تي معاهدو ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي شڪايت جي صورت ۾ وزارت جي لاڳاپيل سيڪشن آفيسر کي اطلاع ڪن. وزارت خصوصي طور پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ ڪندڙ ماڻهن کي چيو آهي ته هو بُڪنگ کانپوءِ پنهنجي ڊيٽا آن لائن به چيڪ ڪري تسليم ڪري وٺن. پرائيويٽ اسڪيم تحت گذريل سال رهجي ويل ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪمپني طرفان ريفنڊ جو مسئلو هجي ته هو سمورن ثبوتن سان وزارت جي لاڳاپيل سيڪشن آفيسر سان رجوع ڪن.











