وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين سان ورلڊ پيس آرگنائيزيشن، هيوينلي ڪلچر ريسٽوريشن آف لائٽ جي نمائندن جي ملاقات

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوانن جي خواهشن کي امن ۽ سلامتي جي ماحول ۾ بهترين طريقي سان پورو ڪري سگهجي، فلسطين ۽ ڄمون ڪشيمر ۾ امن پاڪستان لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. انهن خطرن جي ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ انصاف کان انڪار دنيا ۾ پائيدار امن جي راهه ۾ هڪ سنگين رڪاوٽ آهي. وزيراعظم يوٿ …

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوانن جي خواهشن کي امن ۽ سلامتي جي ماحول ۾ بهترين طريقي سان پورو ڪري سگهجي، فلسطين ۽ ڄمون ڪشيمر ۾ امن پاڪستان لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. انهن خطرن جي ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ انصاف کان انڪار دنيا ۾ پائيدار امن جي راهه ۾ هڪ سنگين رڪاوٽ آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد خان سان ورلڊ پيس آرگنائيزيشن، هيوينلي ڪلچر ريسٽوريشن آف لائٽ جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نوجوانن جي شموليت، امن ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون تي ويچاريو ويو. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين ايڇ ڊبليو پي ايل جي ڳالهين، قانوني وسيلن ۽ عوام وچ ۾ رابطي ذريعي عالمي امن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته دنيا جي نوجوانن جي خواهشن کي امن ۽ سلامتي جي ماحول ۾ بهترين طريقي سان پورو ڪري سگهجي ٿو ۽ پاڪستان عالمي حصيداريءَ کي وڏي اهميت ڏئي ٿو جيڪو پُرامن مستقبل جوڙڻ لاءِ نوجوانن جي آواز کي بلند ڪري ٿو. رانا مشهود احمد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير ۾ امن پاڪستان لاءِ نهايت اهميت رکي ٿو، ان خطن جي ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ انصاف کان انڪار دنيا ۾ پائيدار امن جي راهه ۾ هڪ سنگين رڪاوٽ آهي. هن زور ڀريو ته عالمي برادريءَ کي ان حل طرف مسئلي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته امن جون ڪوششون منصفاڻيون ۽ جامع هجن. هن چيو ته پاڪستان ايڇ ڊبليو پي ايل جي قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ امن، تعليم، بين الثقافتي افهام تفهيم ۽ نوجوانن جي اڳواڻيءَ ۾ امن جي تعمير کي هٿي ڏيندڙ گڏيل ڪوششن ۾ تنظيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن اعلان ڪيو ته اڳوڻي سينيٽر ڪامران مائيڪل کي ايڇ ڊبليو پي ايل سان رابطي لاءِ فوڪل پرسن طور نامزد ڪيو ويو آهي ته جيئن تعاون جي شعبن تي اثرائتي رابطي ڪاريءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ايڇ ڊبليو پي ايل جي نمائندن پاڪستان جي حمايت جي ساراهه ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ ملڪ جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪيو.

مزید خبریں