چاغي ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ فتنه الهندستان جي دهشتگرد جهانزيب جي اعترافي بيان ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ظاهر

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ فتنه الهندستان جي دهشتگرد جهانزيب اعترافي بيان ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. تفصيل موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي آهي ۽ بلوچستان کي وڏي تباهي کان بچايو آهي. ڪارروائي دوران ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو جڏهن ته دهشتگرد جهانزيب سيڪيورٽي فورسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. …

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ فتنه الهندستان جي دهشتگرد جهانزيب اعترافي بيان ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. تفصيل موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي آهي ۽ بلوچستان کي وڏي تباهي کان بچايو آهي. ڪارروائي دوران ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو جڏهن ته دهشتگرد جهانزيب سيڪيورٽي فورسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. دهشتگرد بلوچستان جي اهم ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ چاهيندا هئا. هٿيار ڦٽا ڪندڙ دهشتگرد جهانزيب پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته منهنجو اصل نالو جهانزيب علي جڏهن ته تنظيمي نالو علي جان آهي، آئون دهشتگرد زبير احمد سان گڏجي ڪم ڪندو هئس، مان گذريل ٻن سالن کان تنظيم سان گڏ آهيان جتي زبير (دهشتگرد) تخريبي منصوبابندي ڪندو هو، 24/23 سيپٽمبر جي رات سيڪيورٽي فورسز گهر کي گهيري ۾ آڻي اسان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو چيو، دهشتگرد نثار ۽ زبير سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، زبير گرفتاري کان بچڻ لاءِ پاڻ کي گولي هنئي جڏهن ته نثار سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. مون پنهنجا هٿيار رکي ڇڏيا ۽ سيڪيورٽي فورسز مون کي زنده گرفتار ڪري ورتو. منهنجي ويجهن ساٿين جي مرڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته مسئلي جو حل ويڙهه ناهي، اسان جي معاشري ۾ ڪجهه شاگردن ۽ ٻين تنظيمن جو ڪردار گمراهه ڪندڙ رهيو آهي، اهي تنظيمون نوجوانن کي ويڙهائڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن، دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته فتنه الهندستان جا دهشتگرد بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهن، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ ٻيون تنظيمون نوجوانن کي ورغلائي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن.

مزید خبریں