پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئون رڪارڊ، 100 انڊيڪس 2123.12 پوائنٽس جي واڌ سان 161403.12 پوائنٽس تائين پهچي ويو

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن نمايان تيزي رهي ۽ انڊيڪس هڪ لک 61 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد پار ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. ڏينهن جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2123.12 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 161403.12 پوائنٽس تي پهچي ويو جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. گڏيل طور تي 464 ڪمپنين جي 80 ڪروڙ 74 …

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن نمايان تيزي رهي ۽ انڊيڪس هڪ لک 61 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد پار ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. ڏينهن جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2123.12 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 161403.12 پوائنٽس تي پهچي ويو جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. گڏيل طور تي 464 ڪمپنين جي 80 ڪروڙ 74 لک 48 هزار 922 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 30.33 ارب روپيا هئي.فيوچر ٽريڊنگ تحت 13.83 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا، گذريل ڏينهن رولڊ ڪال ٽيلي ڪام، حيسڪول ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي وڌيڪ شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي.

مزید خبریں