سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران وزيراعظم جي تازن پرڏيهي دؤرن ۾ پاڪستان جي مؤقف کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي مبارڪون

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آمريڪا ۽ سعودي عرب جي تازن دؤرن جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم نه صرف پاڪستان جو مؤقف ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو پر هر پاڪستانيءَ جي آواز کي عالمي سطح تي اثرائتي طريقي سان پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جو آمريڪا جو دؤرو انتهائي ڪامياب ۽ تاريخي اهميت رکندڙ …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آمريڪا ۽ سعودي عرب جي تازن دؤرن جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم نه صرف پاڪستان جو مؤقف ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو پر هر پاڪستانيءَ جي آواز کي عالمي سطح تي اثرائتي طريقي سان پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جو آمريڪا جو دؤرو انتهائي ڪامياب ۽ تاريخي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان امڪاني ملاقات پاڪستان جي اعتماد، دفاعي سهڪار ۽ پرڏيهي پاليسي لاءِ سنگِ ميل ثابت ٿيندي. ڊپٽي چيئرمين ان موقعي تي  ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته وزيراعظم پاڪ- ڀارت جنگ روڪرائڻ تي آمريڪي صدر جو ٿورو مڃيو. سندس چوڻ هو ته ڀارت جي بي بنياد پروپيگنڊا ٻنهي نيوڪليئر ملڪن کي آمهون سامهون بيهاري ڇڏيو هو، پر آمريڪا جي هاڪاري سفارتڪاري خطي کي هڪ وڏي ايٽمي بحران کان بچايو. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيدال خان چيو ته وزيراعظم جو آمريڪا ۽ سعودي عرب جو دؤرو نه صرف عالمي برادريءَ ۾ پاڪستان جي سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جو ذريعو بڻيو پر ان سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو وقار ۽ اعتماد به وڌيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي اعليٰ سطحي ملاقاتن سان خطي ۽ عالمي سياست ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ڊپٽي چيئرمين، وزيراعظم جي سعودي عرب جي دؤري کي به ڪامياب ۽ نتيجا ڏيندڙ قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻوڪي دفاعي معاهدو خطي جي سلامتي، دهشتگرديءَ جي خاتمي، معيشت، سيڙپڪاري ۽ واپار جي شعبن ۾ نئين دؤر جي شروعات ثابت ٿيندي. هن چيو ته ان معاهدن جا ڏور ڏرس اثر نه صرف ٻنهي ملڪن جي معيشت کي مستحڪم ڪندا پر عوام ۽ قيادت وچ ۾ اعتماد به پڻ واڌ ٿيندي. هن چيو ته حرمين الشريفين ۽ مقدس ماڳن جو تحفظ ڪرڻ نه صرف اسان جو مذهبي فرض آهي پر اسان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه پڻ آهي. ان کان اڳ ڊپٽي چيئرمين اسلام آباد ۾ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڊنر ۾ به شرڪت ڪئي. ڊنر ۾ پارٽيءَ جي سينيٽرن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پڻ خاص شرڪت ڪئي. ڊنر دوران سياسي صورتحال، پارلياماني سهڪار ۽ قومي اتفاق راءِ کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته سعودي سفير جي موجودگي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ناتن کي بامعنيٰ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهه جو موقعو فراهم ڪيو. ڊپٽي چيئرمين  پنهنجي بيان جي پڄاڻيءَ تي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جا هاڻوڪا دؤرا عالمي سطح تي پاڪستان جي بهتر ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهن ۽ هي خطي ۾ ترقي، استحڪام ۽ تعاون جي نئين دؤر جي شروعات ثابت ٿيندا.

مزید خبریں