پاڪستان ۽ چين پنهنجي تاريخي ڀائيواري جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين پنهنجي تاريخي ڀائيواري جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، جيڪي خطي ۾ اميد ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، سي پيڪ جي 14هين جي سي سي تاريخي موڙ آهي جنهن سان فيز ٽو جي شروعات لاءِ پليٽ فارم فراهم ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جي سي سي اجلاس …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين پنهنجي تاريخي ڀائيواري جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، جيڪي خطي ۾ اميد ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، سي پيڪ جي 14هين جي سي سي تاريخي موڙ آهي جنهن سان فيز ٽو جي شروعات لاءِ پليٽ فارم فراهم ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جي سي سي اجلاس ۾ سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جي باضابطه  شروعات ڪئي ويندي جنهن کي حقيقي معنائن ۾ عوامي خوشحالي جي راهداري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته بيجنگ ۾ رٿيل پاڪ- چين گڏيل تعاون ڪميٽي جي 14هين اجلاس ۾ هو پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وفاقي وزير چيو ته جي سي سي، سي پيڪ جو سڀ کان اعليٰ فيصله ساز فورم آهي جتي جاري رٿائن جو جائزو وٺڻ سميت ايندڙ مرحلي لاءِ نَوان شعبا ۽ منصوبا شامل ڪيا ويندا. پروفيسر احسن اقبال چيو ته سي پيڪ جي 14هين جي سي سي هڪ تاريخي موڙ آهي، جيڪو فيز ٽو جي شروعات لاءِ پليٽ فارم فراهم ڪندو. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 فقط بنيادي ڍانچي جو پروگرام ناهي پر پاڪستان جي خوشحالي ۽ مضبوط ترقيءَ لاءِ هڪ قدم آهي جيڪو جامع ترقي ۽ عالمي چٽاڀيٽي کي يقيني بڻائيندو. اهو مرحلو نوجوانن جي صلاحيتن، هنر ۽ جدت تي ٻَڌل هوندو. ان ۾ عوام رهنما ڪردار ادا ڪندا جڏهن ته روانگي واپار معيشت جي بنيادي قوت هوندي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين پنهنجي تاريخي ڀائيواري جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، جيڪي خطي ۾ اميد ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن.

مزید خبریں