پنڪ اسڪوٽيز منصوبو عورتن کي ٻاهر اچڻ ۽ وڃڻ، آسان بڻائڻ ۽ کين بااختيار ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو  آهي ته پنڪ اسڪوٽيز منصوبو عورتن کي ٻاهر اچڻ ۽ وڃڻ آسان بڻائڻ ۽ کين بااختيار ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته جلد ئي عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسيون به متعارف ڪرايون وينديون. اهڙو اعلان هن ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي انتظام هيٺ عورتن ۾ اسڪوٽيز ورهائڻ واري تقريب کي  خاص …

ڪراچي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو  آهي ته پنڪ اسڪوٽيز منصوبو عورتن کي ٻاهر اچڻ ۽ وڃڻ آسان بڻائڻ ۽ کين بااختيار ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته جلد ئي عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسيون به متعارف ڪرايون وينديون. اهڙو اعلان هن ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي انتظام هيٺ عورتن ۾ اسڪوٽيز ورهائڻ واري تقريب کي  خاص مهمان جي  حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري عورتن ۽ شاگردياڻين کي پنڪ اسڪوٽيز جون چاٻيون پڻ حوالي ڪيون. سندس چوڻ هو ته سنڌ اهو پهريون صوبو آهي جتي اليڪٽرڪ بسون هلائيون ويون ۽ پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي ۽ هاڻي عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏنيون پيون وڃن ته جيئن هو تعليم، نوڪري ۽ ڪاروبار لاءِ بنا رڪاوٽ سفر ڪري سگهن. بلاول ڀٽو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن کي قومي ترقي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي، ۽ جيڪڏهن کين موقعو ڏنو وڃي ته معيشت سميت هر شعبي ۾ ترقي جي رفتار تيز ٿيندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عورتن لاءِ اهڙن قدمن وسيلي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ ٿي چاهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي برابر جا موقعا ڏنا پيا وڃن. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته نجي شعبي هن منصوبي کي سهارو ڏنو آهي ۽ هن ڀائيواري کي اڳتي وڌائي وڌيڪ منصوبا به شروع ڪيا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هميشه عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ قدم کنيا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، ويمن پوليس اسٽيشنز، بي گهر هارين ۾ زمين جي ورڇ ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي محفوظ گهرن کي عورتن جي نالن تي منتقل ڪرڻ جهڙا قدم انهيءَ تسلسل جو حصو آهن. سندس چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ کاتو اڳ ئي عوام کي بي آر ٽي، پيپلز بس سروس ۽ پنڪ بس جهڙيون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي پنڪ اسڪوٽي جي شموليت سان هي نظام وڌيڪ بهتر ٿيندو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي منصوبو صرف هڪ مشين جي ورڇ ناهي پر عورتن جي خودمختياري ڏانهن پهريون قدم آهي. هن ٻڌايو ته پنڪ اسڪوٽي سروس کان پوءِ پنڪ ٽيڪسي سروس به شروع ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته اهي منصوبا بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جا خواب هئا، جيڪي اڄ حقيقت بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته جتي به پنڪ اسڪوٽي نظر ايندي، اتي اهو پيغام ملندو ته هڪ بهادر عورت ان تي سوار آهي. تقريب ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، سردار محمد بخش مهر، سيد ذوالفقار شاهه، سيد سردار علي شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، سينيٽر وقار مهدي، قومي اسيمبلي ميمبر مرزا اختيار بيگ، قومي اسيمبلي ميمبر ناز بلوچ، شرميلا فاروقي، پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهوڙو، پيپلز پارٽي جا اڳواڻ، غير ملڪي سفارتڪار، سنڌ حڪومت جا ترجمان، ڪاروباري شخصيتون جاويد بلواڻي، زبير موتي والا ۽ ميڊيا مالڪن، اداڪار همايون سعيد، هدايتڪار شرمين عبيد چنائي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں