بلاول ڀٽو زرداري پاران ضمني بلدياتي چونڊن ۾ پارٽي جي شاندار ڪاميابي تي عوام سان ٿورن جو اظهار

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضمني بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي شاندار ڪاميابي تي عوام سان ٿورن جو اظهار ڪندي نون چونڊيل بلدياتي نمائندن کي مبارڪو ڏيندي جيالن کي ان ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊن …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضمني بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي شاندار ڪاميابي تي عوام سان ٿورن جو اظهار ڪندي نون چونڊيل بلدياتي نمائندن کي مبارڪو ڏيندي جيالن کي ان ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جي نتيجن تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام هڪ دفعو ٻيهر ووٽ ذريعي پيپلزپارٽي تي پنهنجي پختي اعتماد جو اظهار ڪيو، اها ڪاميابي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي سان عوام جي گهري رشتي جو ثبوت آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ضمني چونڊن ۾ عوام جي ڀرپور حمايت سان پيپلزپارٽي جو عزم اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ۽ اسان وڌيڪ جوش ۽ خلوص سان عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي مليل هر ووٽ حقيقت ۾ جمهوريت، عام ماڻهو جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪستان جي ويزن جي حق ۾ ڏنو ويو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پ پ پ بلدياتي ادارن جي استحڪام، هر پاڙي، هر ڳوٺ ۽ هر شهر جي ترقي لاءِ جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته سنڌ جا بلدياتي ادارا ۽ پيپلزپارٽي جو بلدياتي نظام بابت ويزن ٻين پارٽين ۽ انهن جي حڪومتن لاءِ مثال آهن، هن نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ پنجاب صوبي جو عوام ڊگهي عرصي کان بلدياتي نظام ۽ ان جي امڪاني اثرن کان محروم آهي. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن پنجاب ۾ چونڊيل بلدياتي ادارا فعال هجن ها ته ٻوڏ متاثرن جي بنا فرق جي امداد ۾ رڪاوٽون نه اچن ها. چيئرمين سمورين پارٽين ۽ شهرين کي اپيل ڪندي زور ڀريو ته اچو ته اسان سڀ گڏجي اهڙو پاڪستان ٺاهيون جتي جمهوريت وڌيڪ واڌ ويجهه ٿئي ۽  هر شهري عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري.

مزید خبریں