مصنوعي ذهانت اسرندڙ ملڪن لاءِ ڪاميابي جي ضمانت آهي: مملڪتي وزير بلال بن ثاقب

گڏيل قومون-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير بلال بن ثاقب چيو آهي ته مصنوعي ذهانت اسرندڙ ملڪن لاءِ ڪاميابي جي ضمانت آهي، پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ڪاميابي لاءِ ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي ۽ جديد انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي 80 هين اجلاس ۾ پاڪستان ۽ مصنوعي ذهانت جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته …

گڏيل قومون-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير بلال بن ثاقب چيو آهي ته مصنوعي ذهانت اسرندڙ ملڪن لاءِ ڪاميابي جي ضمانت آهي، پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ڪاميابي لاءِ ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي ۽ جديد انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي 80 هين اجلاس ۾ پاڪستان ۽ مصنوعي ذهانت جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت اسرندڙ ملڪن لاءِ ڪاميابي جي ضمانت آهي، پاڪستان جي 250 ملين آبادي، سڄي دنيا جي چوٿين سڀ کان وڏي فري لانس مارڪيٽ آهي، پاڪستان جي نوجوانن لاءِ عالمي سطح تي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ نهايت اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ڪاميابي لاءِ ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي ۽ جديد انفرا اسٽرڪچر جي ضرورت آهي، جيڪا ملڪ جي مصنوعي ذهانت سان هم آهنگ هجي اها ئي معاشي طور تي مضبوط به هوندي. واضح رهي ته پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي جي راهه هموار ٿي وئي آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ به ڪرپٽو ڪرنسي انقلابي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

مزید خبریں