اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ نيشنل يوٿ سمٽ 2025ع منعقد ٿي جنهن کي ايڪٽ انٽرنيشنل گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ (يو اين ايف پي اي) ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام (پي ايم واءِ پي) جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو. ان سمٽ جو مرڪزي موضوع ”يوٿ ايڪشن، گلوبل ايمپيڪٽ“ هو. 2012ع کان وٺي اڄ تائين ايڪٽ انٽرنيشنل نوجوانن جي شموليت ۽ رهنمائي لاءِ هڪ …
وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت نوجوانن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ نيشنل يوٿ سمٽ 2025ع منعقد ٿي جنهن کي ايڪٽ انٽرنيشنل گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ (يو اين ايف پي اي) ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام (پي ايم واءِ پي) جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو. ان سمٽ جو مرڪزي موضوع ”يوٿ ايڪشن، گلوبل ايمپيڪٽ“ هو. 2012ع کان وٺي اڄ تائين ايڪٽ انٽرنيشنل نوجوانن جي شموليت ۽ رهنمائي لاءِ هڪ نمايان پليٽ فارم مهيا ڪندو پيو اچي. نيشنل يوٿ سمٽ نوجوان اڳواڻن، پاليسي سازن ۽ حصيدارن کي قومي ۽ عالمي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ عملي قدمن لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ٿو. هن سال اجلاس ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خاص مهمان هو. ان موقعي تي يو اين ايف پي اي ۽ ڪينيڊا جي تعاون سان ٽريننگ آف ٽرينرز (ٽي او ٽي) جو به بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ نيشنل يوٿ ڪائونسل جا 92 ميمبر شامل هئا. هي ٽريننگز صحت ۽ ڀلائي، ڪلائميٽ ايڪشنز، يوٿ ايڪشن ۽ صنفي برابري جهڙن اهم موضوعون تي هيون. سمٽ ۾ نوجوانن جي جوش ۽ جذبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي سيشنز ۽ تخليقي سرگرميون شامل هيون جن ۾ ”ڪلائميٽ جسٽس ۽ ريزيليئنس“ تي مباحثو” نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ لائف اسڪلز ۽ توليدي صحت جي تعليم“ تي پينل ڊسڪشن ۽ هڪ متاثر ڪندڙ پرفارمنس شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت نوجوانن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، هن چيو ته ان سمٽ ۾ بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ مان قابل ۽ ذهين نوجوان موجود آهن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ هي نوجوان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي مختلف پروگرامن سان ڳنڍيل آهن، راڻا مشهود احمد خان چيو ته نوجوانن جو اڳتي وڌڻ جو جذبو قدر جوڳو آهي، ملڪ جي باصلاحيت نوجوانن کي وزيراعظم يوٿ پروگرام طرفان ايوارڊ ڏنا ويا آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو سٺو سنئوڻ آهي، سعودي عرب جي حفاظت هاڻي اسان جي ذميواري آهي. ان تقريب ۾ 300 کان وڌيڪ نوجوان اڳواڻن، پاليسي سازن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي.











