موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سان اين ڊي ايم اي چيئرمين جي ملاقات

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي ۽ نيشنل ريزيلينس پلان 26-2025ع جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ نيشنل ريزيلينس پلان 26-2025ع جي تياري ۽ …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي ۽ نيشنل ريزيلينس پلان 26-2025ع جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ نيشنل ريزيلينس پلان 26-2025ع جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان منصوبي جو مقصد 2026ع ۾ ايندڙ سانوڻي جي سيزن لاءِ جامع تياري ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ تباهڪارين کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته نيشنل ريزيلينس پلان نتيجن تي ٻَڌڻ هئڻ گهرجي ته جيئن اهڙن سانحن سبب ٿيندڙ نقصان جنهن ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جي صورت هجي يا انفراسٽرڪچر، فصلن، چوپائي مال جي بربادي جي صورت ۾ واضح طور گهٽتائي ڪري سگهجي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ هڪ مضبوط ۽ مؤثر نظام جوڙڻ ضروري آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪميونٽيز لاءِ ٺوس نتيجا فراهم ڪري. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي انهن علائقن جي نشاندهي ضروري آهي جيڪي مختلف خطرن مثال طور ٻوڏ، ڪڪر ڦاٽڻ، گليشيئر پگهرجڻ، جي ايل او ايفز (گليشيئر ليڪ آئوٽ فلوڊز) ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي لاءِ وڌيڪ حساس آهن. هن چيو ته اهڙن خطرن جي مناسب تياري ۽ ردعمل جي نظام کي مقامي سطح تي ترتيب ڏيڻ لازمي آهي ته جيئن حقيقي معنائن ۾ ريزيلينس قائم ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده ڊزاسٽر ريسپانس سسٽم وکريل ۽ منتشر آهي جنهن کي مضبوط، مؤثر فريم ورڪ ۾ ضم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيئن فوري هم آهنگي ۽ مؤثر قدم کڻي سگهجن. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا سمورا لاڳاپيل ادارا ويجهي تعاون ذريعي هڪ جامع ۽ متحد ڊزاسٽر مئنجمينٽ حڪمت عملي کي يقيني بڻائي ويندا

مزید خبریں