اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ايندڙ 6 سالن ۾ گردشي قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، ان قرض سبب توانائيءَ جو شعبو متاثر ٿي رهيو هو، گردشي قرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ اتفاق راءِ سان لائحه عمل جوڙيو ويو، گردشي قرض اسڪيم لاءِ سيڪريٽري پاور سميت ٻين عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. گردشي قرضن جي خاتمي …
گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اتفاق راءِ سان حڪمت عملي جوڙي، 6 سالن ۾ ان مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي ويندو: سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ايندڙ 6 سالن ۾ گردشي قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، ان قرض سبب توانائيءَ جو شعبو متاثر ٿي رهيو هو، گردشي قرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ اتفاق راءِ سان لائحه عمل جوڙيو ويو، گردشي قرض اسڪيم لاءِ سيڪريٽري پاور سميت ٻين عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. گردشي قرضن جي خاتمي جي اسڪيم توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو حصو آهي، جنهن تحت ايندڙ 6 سالن ۾ گردشي قرضن مان نجات حاصل ٿي ويندي. سرڪلر ڊيٽ فنانسنگ اسڪيم جي تقريب کي حوالي سان جاري وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت جي شروعات تي گردشي قرض تقريبن 24 کرب رپيا هئا، هاڻ تائين تقريبن 800 ارب رپيا گردشي قرض گهٽ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته 1225 ارب رپين جي گردشي قرض ۾ گهٽتائيءَ جي اسڪيم تي صحيحون ٿينديون، صارفين في يونٽ تقريبن سوا 3 رپين کان وڌيڪ ڊيٽ سروس سرچارج ادا ڪندا رهيا، ڊيٽ سروس چارج سان صرف وياج جي ادائگي ٿيندي هئي، اصل قرض برقرار رهندو هو، پاور ڊويزن 800 ارب رپيا گهٽ ڪيا، هاڻ وڌيڪ 1225 ارب رپيا گهٽ ٿيندا، ايندڙ 6 سالن ۾ گردشي قرض ٻڙي تي آڻڻ جو هدف آهي. اويس لغاري چيو ته هاڻ ڊيٽ سروس سرچارج وياج سان گڏ 1225 ارب رپيا قرض جي ادائگي ۾ به استعمال ٿيندا، اها ڪاميابي وزيراعظم جي ويزن ۽ رهنمائيءَ جو نتيجو آهي، سمورن ادارن جي گڏيل ڪوششن سان گردشي قرض ختم ڪرڻ جو خواب حقيقت بڻجي رهيو آهي.











