اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ پُراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جي توثيق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي حصيداري گڏيل احترام ۽ مسلسل وڌندڙ سهڪار تي ٻَڌل آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان اٽلي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين سينيٽر سرمد علي طرفان پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير مارلينا آرميلن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي چئي. …
پاڪستان ۽ اٽلي جي حصيداري گڏيل احترام ۽ مسلسل وڌندڙ سهڪار تي ٻَڌل آهي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ پُراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جي توثيق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي حصيداري گڏيل احترام ۽ مسلسل وڌندڙ سهڪار تي ٻَڌل آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان اٽلي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين سينيٽر سرمد علي طرفان پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير مارلينا آرميلن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي چئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اٽلي يورپي يونين ۾ پاڪستان جي وڏن واپاري ڀائيوارن مان هڪ آهي جنهن سان معاشي ۽ سياسي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت اڃا به وڌي وڃي ٿي. هن اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سفير ٻنهي ملڪن جي ايوانن ۾ قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي ڪم کي ساراهيو ۽ اٽلي جي پارليامينٽ ۾ اٽلي- پاڪستان فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن سارا فيراري طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته سارا فيراري جلدئي پاڪستان جو دؤرو ڪندي. سفير چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽ وفدن گذريل سال اٽليءَ جا ٻه دؤرا ڪيا ۽ يقين ظاهر ڪيو ته اٽلي جي پارليامينٽ ۽ سينيٽ جا ميمبر به خيرسگالي جا اهڙا ئي دؤرا ڪري ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ گهرو ڪندا. سينيٽر سرمد علي پنهنجي خطاب ۾ معزز سفير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي ويجهي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي فرينڊشپ گروپس وچ ۾ مسلسل رابطا پارلياماني سفارتڪاريءَ کي مضبوط بڻائيندا ۽ ٻئي ملڪ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا. مانجهاندي ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، قومي اسيمبلي ميمبر نويد قمر، سينيٽر شهادت اعواڻ ۽ـ سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ۽ سفير پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس مصباح کر به شريڪ هئا.











