راولپنڊي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي بحري جهاز يو ايس ايس وين اي – ميئر ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي جي بندرگاهه تي پهچي ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب بندرگاهه اچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ آمريڪي سفارتي عملي جهاز جي آجيان ڪئي. دوري جو مقصد ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ پيشيوراڻي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. دوري جي پڄاڻي تي آمريڪي …
آمريڪي بحري جهاز يو ايس ايس وين اي – ميئر ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي جي بندرگاهه تي پهچي ويو: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي بحري جهاز يو ايس ايس وين اي – ميئر ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي جي بندرگاهه تي پهچي ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب بندرگاهه اچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ آمريڪي سفارتي عملي جهاز جي آجيان ڪئي. دوري جو مقصد ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ پيشيوراڻي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. دوري جي پڄاڻي تي آمريڪي بحريه ۽ پاڪ بحريه وچ ۾ گڏيل مشق منعقد ڪئي ويندي. آمريڪي بحري جهاز جي دوري سان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ هٿي ملندي.











