بجلي جي شعبي جي 1225 ارب روپين جي گردشي قرضن جو حل وڏي اڳڀرائي آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجلي جي شعبي جي 1225 ارب روپين جي گردشي قرضن جو حل مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سان گڏوگڏ پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي پراڻن مسئلن مان هڪ جي حل ۾ وڏي اڳڀرائي آهي. جاري بيان ۾ ناڻي واري وزارت 1225ارب روپين جي گردشي قرضن جي …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجلي جي شعبي جي 1225 ارب روپين جي گردشي قرضن جو حل مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سان گڏوگڏ پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي پراڻن مسئلن مان هڪ جي حل ۾ وڏي اڳڀرائي آهي. جاري بيان ۾ ناڻي واري وزارت 1225ارب روپين جي گردشي قرضن جي ڪامياب حل جي آجيان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي پاور بابت ٽاسڪ فورس جي تاريخي گڏيل ڪوششن ذريعي ۽ توانائي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ 18 حصيدار بئنڪن جي تعاون سان ان کي ممڪن بڻايو ويو. ان تاريخي ري اسٽرڪچرنگ سان پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي جي پراڻن مسئلن مان هڪ جي حل ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي جي نمائندگي ۽ عڪاسي ٿي رهي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان ڪاميابي سان توانائي جي شعبي جي پراڻن مسئلن جي حل لاءِ متحد ٿيل ادارن جي گڏيل جامع انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ٽيم ورڪ جي طاقت جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. ان ڪوشش جي قيادت وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي سربراهي ۾ وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس ڪئي جنهن کي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل محمد ظفر اقبال، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ناڻي واري سيڪريٽير امداد الله بوسال ۽ ٽاسڪ فورس جي سمورن مخلص ميمبرن جي ڀرپور حمايت حاصل ٿي رهي آهي جڏهن ته پي بي اي ۽ 18 بئنڪن مضبوط ۽ جامع تعاون فراهم ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي تاريخي ري اسٽرڪچرنگ موثر سهڪار ذريعي ممڪن ٿي جتي ٽاسڪ فورس ۽ سرڪاري ادارن پاليسي قيادت ۽ رهنمائي ۽ عملدرآمد فراهم ڪيو جڏهن ته بئنڪاري جي شعبي پي بي اي جي ذريعي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي فعال مدد سان توانائي جي شعبي جي مستقبل تي اعتماد تحت مالي تعاون کي منظم ۽ متحرڪ ڪيو. بيان موجب بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي ادا ٿيڻ جوڳيون ادائيگيون ڪرڻ لاءِ معاهدي ۾ 660 ارب روپين جي موجوده قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ 565 ارب روپين جي نئين فنانسنگ شامل آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته ان قرض جي حل سان صارفين تي ڪو به نئون بار نه پوندو ڇاڪاڻ ته ادائيگي پهرين کان لاڳو ڪيل في يونٽ 3.23 روپيا سرچارج ذريعي ڪئي ويندي. ان ڍانچي تحت 660 ارب روپين جي ساورن گارنٽي ڏني ويندي جنهن سان زرعي شعبا، ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار، رهائش، تعليم ۽ صحت جي شعبن طرف روڪ رقم  کي منتقل ڪيو ويندو. وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب تاريخي اڳڀرائي تي تبصري ۾ چيو آهي ته هي تاريخي حل مالي نظم۽ ضبط جي بحالي، سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ توانائي جي شعبي جي پائيداري طرف هڪ فيصلاتو قدم آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي سنگ ميل اجتماعي قيادت ۽ موثر ٽيم ورڪ جو هڪ مثال آهي جنهن جو بنياد فني مهارت، اداره جاتي هم آهنگي ۽ عوامي ۽ نجي تعاون تي رکيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪاميابي ان ڳالهه جو مثال قائم ڪري ٿي ته پاڪستان جي ڍانچاجاتي مسئلن کي جدت، اتحاد ۽ عزم سان حل ڪري سگهجي ٿو. هي ڪاميابي توانائي واري شعبي جي پراڻين رڪاوٽن کي حل ڪرڻ واري حڪومت جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، حڪومت مالي استحڪام ۽ توانائي جي شعبي جي سڌارن وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

مزید خبریں