قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان شام جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان اسلام آباد ۾ پاڪستان ۾ شام جي سفير ڊاڪٽر رامز العري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي شعبي، واپار ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي غور ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزارت مان جاري بيان …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان اسلام آباد ۾ پاڪستان ۾ شام جي سفير ڊاڪٽر رامز العري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي شعبي، واپار ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي غور ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ شام تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ جڙيل آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ سهڪار لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. هن چي ته زرعي شعبو ٻنهي ملڪن لاءِ غير معمولي امڪان رکندڙ آهي ۽ پاڪستان شام سان واپاري ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير ان موقعي تي ٻُڌايو ته پاڪستان ۽ شام وچ ۾ زرعي سهڪار تي هڪ يادداشت تي اسان پهرين ئي صحيح ڪري چڪا آهيون جيڪي زرعي تحقيق، ٽيڪنالاجي مٽاسٽا ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ ڊگهي مدي جي سهڪار جي راهه هموار ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيئن ئي شام تي لڳل عالمي پابنديون ختم ٿينديون، شام پاڪستان لاءِ زرعي جنسن خاص ڪري جنسن، ميون ۽ ويلو ايڊڊ شين جي صورت ۾ هڪ قيمتي واپاري ڀائيوار طور سامهون ايندو. سهڪار کي اداره جاتي شڪل ڏيڻ ۽ ان کي وڌيڪ تيز رفتار بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو جديد پوکي جي طريقن، آبي وسيلن جي انتظام، صلاحيتن ۾ واڌ ۽ زرعي واپار کي هٿي وٺرائڻ جهڙن عملي شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن جو جائزو وٺندو. ان موقعي تي شامي سفير پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام جي تجويز جي آجيان ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته شام گڏيل مفاد جي شعبن ۾ پاڪستان سان ويجهن ناتن لاءِ پُرعزم آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته پاڪستان شام کي خطي جو هڪ اهم ڀائيوار سمجهي ٿو ۽ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته سهڪار جي دائري ڪار کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا ناتا وڌيڪ مضبوط ٿين.

مزید خبریں