راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درابن ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشن دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درابن ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشن ڪيو. …
سيڪيورٽي فورسز پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپريشن، ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجي مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درابن ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشن دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درابن ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن جو اثرائتي طريقي سان گهيرو ڪيو ۽ ڀارتي حمايت يافته 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته خوارجين وٽان هٿيار ۽ گوله بارود هٿ آيو، اهي خوارجي انهن علائقن ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا، جن ۾ ڊسمبر 2023ع ۾ درابن ۾ آپگهاتي بم حملو، سرڪاري اهلڪارن ۽ معصوم شهرين جي اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سهولتڪاري شامل آهي. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي هندستاني حمايت يافته خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورس ملڪ مان هندستاني اسپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.











