حيدرآباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊو آدم جي علائقي سنجر جوڻيجو پهتو، جتي هن قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر مرحوم روشن الدين جوڻيجو جي لاڏاڻي تي سندس فرزند ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو سميت پونئيرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم روشن الدين جوڻيجو پارٽي جو قيمتي اثاثو هو، جن جي وفات سان پيدا ٿيندڙ …
بلاول ڀٽو زرداري جي ٽنڊو آدم آمد، روشن الدين جوڻيجو جي وارثن سان تعزيت

مزید خبریں
حيدرآباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊو آدم جي علائقي سنجر جوڻيجو پهتو، جتي هن قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر مرحوم روشن الدين جوڻيجو جي لاڏاڻي تي سندس فرزند ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو سميت پونئيرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم روشن الدين جوڻيجو پارٽي جو قيمتي اثاثو هو، جن جي وفات سان پيدا ٿيندڙ خال کي پورو ڪرڻ ڏکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جوڻيجو خاندان جي پارٽي سان لاڳاپا ۽ خدمتون هميشه ياد رکبيون۔ ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو چيئرمين بلاول ڀٽو کي پنهنجي خانداني سياسي سفر جون يادون ۽ پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ڪيل تصويرن تي ٻڌل يادگيري البم ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي بلاول ڀٽو خاندان جي قربانين ۽ خدمتن کي ساراهيو۔ ان موقعي تي ايم اين اي شازيا عطا مري، صوبائي وزير زراعت محمد بخش خان مھر، جميل سومرو، ايم پي اي جام شبير علي خان، امداد پتافي ۽ ٻيا به موجود هئا، جڏهن ته مرحوم جو ڀاءُ اڳوڻو ايم اين اي محمد خان جوڻيجو ۽ پٽ غياث الدين جوڻيجو به گڏ موجود هئا.











