اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، اسلام آباد جي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2026ع جي 120 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن جي هڪ وفد چيف انسٽرڪٽر ميجر جنرل نعيم اختر جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب وفد ۾ فيڪلٽي ميمبرن، پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سول …
نيشنل ڊفينس يونيورسٽيءَ جي وفد جي چيف انسٽرڪٽر ميجر جنرل نعيم اختر جي قيادت ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، اسلام آباد جي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2026ع جي 120 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن جي هڪ وفد چيف انسٽرڪٽر ميجر جنرل نعيم اختر جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب وفد ۾ فيڪلٽي ميمبرن، پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سول سروسز جي آفيسرن کان علاوه ڪيترن ئي دوست ملڪن جا 26 نمائندا شامل هئا. چيف جسٽس وفد جي آجيان ڪئي ۽ کين طاقت جي ٽرائيڪوٽومي جي آئيني اسڪيم ۽ انصاف تائين پهچ ۽ بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ عدليه جي ڪردار جي باري ۾ ٻُڌايو. هن شرڪت ڪندڙن سان هڪ انٽرايڪٽو سوال ۽ جواب جي سيشن ۾ به شرڪت ڪئي. وفد سپريم ڪورٽ جي ميوزيم جو به دؤرو ڪيو ۽ جوڊيشل آرڪائيو ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس ۽ وفد جي سربراهه وچ ۾ سوونيئرز جي مٽاسٽا ڪئي وئي.











