قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير هزايڪسيلينسي رائموندس ڪاروبلس گذريل ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير، يورپي يونين جي سفير کي ڀليڪار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي …

اسلام آباد- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير هزايڪسيلينسي رائموندس ڪاروبلس گذريل ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير، يورپي يونين جي سفير کي ڀليڪار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران ڌرين، 2024ع ۾ شروع ٿيل حق پاڪستان فيز II(اي يو حقوق پاڪستان II) پروگرام تحت حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته هي پروگرام حڪومتي ڍانچن کي مضبوط بڻائڻ، قومي انساني حقن وارن ادارن جي سگهه وڌائڻ، انساني حقن سان لاڳاپيل تعليم ۽ آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪاروبار ۾ ذميواراڻي روين کي حوصله افزائي تي مرڪوز آهي. وفاقي وزير، سفير کي انساني حقن بابت قومي ايڪشن پلان تي به بريف ڪيو جيڪو ان وقت قانوني ۽ پاليسي سڌارن، انصاف تائين رسائي، انساني حقن جي ترجيحن تي عملدرآمد، عالمي معاهدن جي پاسداري، قومي ادارن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مؤثر مانيٽرنگ مڪينزم قائم ڪرڻ تي ڌيان مرڪوز ڪيل آهي. يورپي يونين جي سفير رائموندس ڪاروبلس اهڙن قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن، پروگرام تحت حاصل ڪيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هن ڳالهه تي زور ڀريو ته يورپي يونين پاڪستان جي انساني حقن جي ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۾ ڀرپور سهڪار جاري رکندو. ملاقات ۾ نومبر 2025ع ۾ منعقد ٿيندڙ جي ايس پي پلس مانيٽرنگ مشن جي تيارين تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هاڪاري نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهي سهڪار ۽ تعميري رابطا اڻٽر آهن. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي ۽ ٻنهي طرفان انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان- يورپي يونين لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں