اسلام آباد - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسان جي جوانن جي بهادري ۽ قربانيون ملڪ جي هر شهري کي محفوظ بڻائين ٿيون، دهشتگردي جي خلاف اها جدوجهد پاڪستان جي پرامن مستقبل جي …
صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسان جي جوانن جي بهادري ۽ قربانيون ملڪ جي هر شهري کي محفوظ بڻائين ٿيون، دهشتگردي جي خلاف اها جدوجهد پاڪستان جي پرامن مستقبل جي ضمانت اهي. هن چيو ته رياست جي رِٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ هر قرباني تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکي ويندي، پاڪستان جي عوام سدائين پنهنجي شهيدن ۽ غازين سان گڏ بيهي دهشتگردي کي رد ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.











