راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا نشان امتياز (ملٽري) اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز (ڪي ايڇ آءِ اين اي ايم ايس) جي افتتاحي تقريب …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي ڪنگ حمد انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا نشان امتياز (ملٽري) اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز (ڪي ايڇ آءِ اين اي ايم ايس) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه ۽ ٻين سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن تي زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايڇ آءِ اين اي ايم ايس جو افتتاح طبي تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثت رکي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي ادارو صحت جي سارسنڀال جا قابل ۽ پيشيور ماڻهو پيدا ڪندو ۽ پاڪستان ۾ نرسنگ ۽ ان سان لاڳاپيل طبي علم ۾ نوان معيار قائم ڪندو.











