اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ دواسازي جي صنعت 25 ڪروڙ عوام جي صحت ۽ ڀلائيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان جي فارما جو روانگي واپار 457 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو ٻن ڏهاڪن ۾ صنعت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان فارما جي اٺين سمٽ …
پاڪستان ۾ دواسازي جي صنعت 25 ڪروڙ عوام جي صحت ۽ ڀلائيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ دواسازي جي صنعت 25 ڪروڙ عوام جي صحت ۽ ڀلائيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان جي فارما جو روانگي واپار 457 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو ٻن ڏهاڪن ۾ صنعت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان فارما جي اٺين سمٽ ۽ فارما ايڪسپورٽ ايوارڊز جي تقريب کي خاص مهمان طور پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. خطاب ۾ خاص صلاحڪار چيو ته صنعتي پاليسي ۽ ريگيوليٽري سڌارا پاڪستان جي معاشي مستقبل جا بنياد آهن ۽ ان حوالي سان ڀرپور انداز ۾ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته فارما انڊسٽريءَ جو روانگي واپار ڪندڙ پاڪستان جا سفير آهن. هن چيو ته حڪومت فارما انڊسٽريءَ سان گڏ آهي ۽ ان صنعت کي سموريون امڪاني سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پهرين به قدم کنيا ويا هئا ۽ مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته حڪومتي پاليسين جو مقصد دواسازي جي صنعت جي مضبوطي ۽ عوام لاءِ سستي ۽ معياري دوائن جي فراهمي آهي. هارون اختر خان چيو ته پاڪستاني فارما انڊسٽريءَ کي عالمي معيار اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي هيلٿ ڪيئر مارڪيٽ ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. خاص صلاحڪار ايڪسپورٽ ايوارڊز کٽيندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان فارما انڊسٽري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري چهرو اجاگر ڪري رهي آهي. سمٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستاني دوازسازي جي صنعت جي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ اهو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. سمٽ دوران فارما ايڪسپورٽ ايوارڊز ۾ سرفهرست 50 روانگي واپار ڪندڙن کي ايوارڊز ڏنا ويا.











