سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت جي ميدان ۾ سهڪار سان پاڪ- چين دوستي نين بلندين تائين پهچي چڪي آهي: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت جي ميدان ۾ سهڪار سان پاڪ- چين دوستي نين بلندين تائين پهچي چڪي آهي، سي پيڪ پاڪستان کي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي مسئلن مان ڪڍيو، سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ صنعت، جديد زراعت، معدنيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن کي ترجيح ڏني …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت جي ميدان ۾ سهڪار سان پاڪ- چين دوستي نين بلندين تائين پهچي چڪي آهي، سي پيڪ پاڪستان کي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي مسئلن مان ڪڍيو، سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ صنعت، جديد زراعت، معدنيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن اها ڳالهه چين جي هونان صوبي جي گورنر ماوويمنگ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ- چين سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ سي پيڪ فيز ٽو تحت نَون شعبن ۾ ڀائيواريءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته 20 کان وڌيڪ ملڪن جي اڳواڻن جي بي ڊو سمٽ ۾ شرڪت سٺو سنوڻ آهي. هن هونان جي چين جي معيشت ۾ مرڪزي ڪردار کي تحسين جوڳو قرار ڏنو ۽ چيو ته بي ڊو سسٽم صنعتي ترقيءَ لاءِ جديد معلوماتي نظام فراهم ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بي ڊو استعمال ڪندڙ پهريون پرڏيهي ملڪ هو جيڪا بنهي ملڪن وچ ۾ گهري اعتماد ۽ مضبوط دوستيءَ جي علامت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن پاڪستان کي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن مان ڪڍيو. فيز ون ۾ بنيادي ڍانچي ۽ فزيڪل منصوبن تي ڌيان ڏنو ويو جڏهن ته فيز ٽو ۾ صنعت، جديد زراعت، ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته جديد زراعت، ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ ريلوي جي شعبن ۾ هونان صوبي سان سهڪار کي هٿي ڏني ويندي ۽ هونان صوبو سي پيڪ فيز ٽو ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي گورنر ماوويمنگ وفاقي وزير جو سمٽ ۾ شرڪت تي ٿورو ادا ڪيو ۽ هونان ۾ وفاقي وزير احسن اقبال جي موجودگي پاڪ- چين دوستي جي عڪاس آهي. گورنر سي پيڪ فيز ٽو لاءِ هونان صوبي سان مستقبل ورڪنگ گروپ بڻائڻ جي تجويز کي به منظور ڪري ورتو.

مزید خبریں