اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپي سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي 12-2011ع کان 23-2022ع جي التوا ۾ پيل آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن جي سفارشن تي 47 آڊٽ اعتراض اڪلايا ويا، آڊٽ عملدارن …
پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس، پرڏيهي وزارت جي 12-2011ع کان 23-2022ع تائين جي التوا ۾ پيل آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپي سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي 12-2011ع کان 23-2022ع جي التوا ۾ پيل آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن جي سفارشن تي 47 آڊٽ اعتراض اڪلايا ويا، آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته 13-2012ع ۾ منامه بحرين ۾ عمارت جي تعمير لاءِ پيپرا رولز تي عملدرآمد نه ٿيو. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته نيسپاڪ کي ان منصوبي کي ذميواري سونپي وئي هئي. آڊٽ عملدارن چيو ته ان منصوبي ۾ دير جي ڪري ڏنڊ جي 10 سيڪڙو رقم به وصول نه ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ان وقت سيمينٽ جي دستيابي ۾ مسئلا هئا جنهن سبب دير ٿي. سيد نويد قمر آڊٽ اعتراض اڪلائيندي هدايت ڪئي ته پيپرا رولز جي آئنده هر صورت ۾ پابندي يقيني بڻائي وڃي. هڪ ٻي آڊٽ اعتراض جو جائزو وٺندي پرڏيهي وزارت طرفان پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته جيڪي ملازم سروس ۾ آهن انهن کان رڪوري ڪئي ويندي آهي. قانون تحت پگهار جو صرف چوٿون حصو ڪٽي سگهجي ٿو. سيد نويد قمر هدايت ڪئي ته ريڪوريون ڪري پي اي سي کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو وڃي. قاعدي خلاف خريدارين جي حوالي سان هڪ آڊٽ اعتراض جو جائزي دوران پي اي سي پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته هڪ مهيني اندر ريڪوريون ڪري پي اي سي کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سيد نويد قمر رمارڪس ڏنا ته ادارن جي ناقص ڪارڪردگي جو پي اي سي جي حڪمن تي فرق نٿو پوي، پي اي سي جي حڪمن تي هر صورت ۾ عمل ٿيڻ گهرجي.











