پاڪستان ۽ شام جي عوام وچ ۾ گهري محبت ۽ همدرديءَ جو رشتو موجود آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب شام ۾ بهتري ۽ زندگيءَ جي معمول جي مسلسل بحاليءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا طرفان پابنديون ختم ٿيڻ کانپوءِ شام ٻيهر عالمي نظام ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽ سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفي واپار لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا. پاڪستان ۽ شام جي عوام وچ ۾ گهري محبت ۽ …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب شام ۾ بهتري ۽ زندگيءَ جي معمول جي مسلسل بحاليءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا طرفان پابنديون ختم ٿيڻ کانپوءِ شام ٻيهر عالمي نظام ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽ سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفي واپار لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا. پاڪستان ۽ شام جي عوام وچ ۾ گهري محبت ۽ همدرديءَ جو رشتو موجود آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الراعي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي پاڪستان ۽ شام وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻه طرفي تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير شام جي سفير جي آجيان ڪندي شام ۾ بهتري ۽ زندگيءَ جو معمول مسلسل بهتريءَ طرف وڃڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا طرفان پابنديون ختم ٿيڻ کانپوءِ شام ٻيهر عالمي نظام ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽ سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفي واپار لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا. ناڻي واري وزير هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان ۽ شام جي عوام وچ ۾ گهري محبت ۽ همدرديءَ جي رشتو موجود آهي. شام جي سفير چيو ته هو پاڪستان ۾ تقريبن 3 سال خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ هن ملڪ کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو. هن چيو ته هو پاڻ کي صرف شام جو سفير ئي نه پر پاڪستان جو خيرخواه تصور پڻ ڪري ٿو جيڪو هميشه ٻنهي ملڪن جي تاريخي، ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن هاڻوڪي اسرائيلي اڳرائيءَ کانپوءِ شام کي مڪمل سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي سياسي قيادت جو ٿورو مڃيو.

مزید خبریں