وزيراعظم پاران خضدار بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ

لنڊن – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خضدار بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن …

لنڊن – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خضدار بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں