وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه جي ايراني سفير سان ملاقات

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ڪالهه ايراني سفارتخاني ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا امير مقدم سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي واپار، سرحدي سهڪار ۽ انساني همدرديءَ جي شعبن ۾ عملي قدمن بابت ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ سندس فائونڊيشن جو سربراهه ايئر وائيس مارشل (ر) آفتاب حسين پڻ موجُود هو. جاري پريس رليز …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ڪالهه ايراني سفارتخاني ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا امير مقدم سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي واپار، سرحدي سهڪار ۽ انساني همدرديءَ جي شعبن ۾ عملي قدمن بابت ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ سندس فائونڊيشن جو سربراهه ايئر وائيس مارشل (ر) آفتاب حسين پڻ موجُود هو. جاري پريس رليز موجب ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي واپار، سرحدي سهڪار ۽ انساني همدرديءَ جي شعبن ۾ عملي قدمن بابت ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير پنهنجي وزارت جي سهڪار سان سندس فائونڊيشن جي علاج هيٺ هيموفيليا جي مريضن لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن جو خصوصي طور ذڪر ڪيو هن درخواست ڪئي ته انهن دوائن جي باضابطه ۽ سبسڊي ٿيل درآمد لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن مريضن کي محفوظ ۽ اثرائتو علاج فراهم ٿي سگهي. ان تي ايراني سفير خاطري ڪرائي ته هو ان معاملي جو جائزو وٺي لاڳاپيل عملدارن سان صلاح مشوري کانپوءِ عملي تجويزون فراهم ڪندو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري مسئلن، خاص ڪري سرحدي رڪاوٽن ۽ بنيادي ڍانچي جي ڪمزورين جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. سفير ٻُڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خواهش تي ايران جي صدر تازي پاڪستان جي دؤري کانپوءِ پاڪستاني چانور جي درآمد ۾ تقريبن 10 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن عوام جي ڀلائي لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو عزم ڪيو. سيد عمران احمد شاهه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن جي سرحدن کي ترقي ۽ دوستيءَ جو ذريعو بڻايو وڃي.

مزید خبریں