اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ معاشي ۽ ريگيوليٽري سڌارن ۾ پُرعزم آهي. خصوصي اقتصادي زونز کي منظم ۽ اثرائتي انداز ۾ جلد کان جلد عملي جامو پهرايو وڃي. خصوصي اقتصادي زونز معاشي حڪمت عملي جو هڪ جُز آهن. هن اها ڳالهه سيڙپڪاري بورڊ جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ بابت اهم اجلاس جي …
وفاقي وزير احد چيما جي صدارت ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ بابت اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ معاشي ۽ ريگيوليٽري سڌارن ۾ پُرعزم آهي. خصوصي اقتصادي زونز کي منظم ۽ اثرائتي انداز ۾ جلد کان جلد عملي جامو پهرايو وڃي. خصوصي اقتصادي زونز معاشي حڪمت عملي جو هڪ جُز آهن. هن اها ڳالهه سيڙپڪاري بورڊ جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ سيڙپڪاري بورڊ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا موجود هئا. اجلاس جو بنيادي مقصد معاشي ترقيءَ جي رفتار کي تيز ڪرڻ، پاڪستان جي سيڙپڪاري واري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ حڪمت عمليءَ تي غور ويچار ڪرڻ هو. وفاقي وزير سيڙپڪاري بورڊ طرفان ريگيوليٽري سڌارا جاتي پيڪيج جي حوالي سان جاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جلد هڪ جامع ريگيوليٽري سڌارا جاتي پيڪيج تيار ڪندو، جيڪو سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ گيم چينجر ثابت ٿيندو. خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان وفاقي وزير ڳالهائيندي چيو ته ان کي منظم ۽ اثرائتي انداز ۾ جلد کان جلد عملي پهرايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ايس اي زيز پاڪستان جي معاشي حڪمت عمليءَ جو اهم جُز آهن جيڪي صنعتي توسيع، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ فني ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندا آهن. هن صوبائي حڪومت جي سڌارا جاتي ايجنڊا سان اڳواٽ هم آهنگي کي ساراهيو ۽ ان کي هڪ مربوط قومي سيڙپڪاري فريم ورڪ جي قيام لاءِ پيڙهه جو پٿر قرار ڏنو.











