اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پاڪ- سعودي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪ- سعودي معاهدو خطي جي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جو سنگِ ميل آهي. پاڪ- سعودي معاهدو مسلم اُمت جي اتحاد ۽ اجتماعي طاقت جو اهڃاڻ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سعودي عرب جو دؤرو انتهائي اهميت وارو رهيو آهي. هن …
سينيٽ جي وقتي چيئرمين پاران پاڪ- سعودي معاهدي جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پاڪ- سعودي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪ- سعودي معاهدو خطي جي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جو سنگِ ميل آهي. پاڪ- سعودي معاهدو مسلم اُمت جي اتحاد ۽ اجتماعي طاقت جو اهڃاڻ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سعودي عرب جو دؤرو انتهائي اهميت وارو رهيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب سان معاهدو پاڪستان ۽ خطي جي خوشحالي ۽ استحڪام جي ضمانت آهي، هي معاهدو دفاعي تعاون سان گڏوگڏ اقتصادي حصيداري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جا نوان موقعا پيدا ڪندو. پاڪ- سعودي معاهدو مسلم اُمت جي اتحاد ۽ اجتماعي طاقت جو اهڃاڻ آهي. سينيٽ جي وقتي چيئرمين چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي گڏيل اعتماد، اخوت ۽ اسلام جي مقدس رشتي تي لاڳو سمجهي ٿو. سعودي عرب جي سرزمين مڪي ۽ مديني سان هر پاڪستاني جي دل جي گهري وابستگي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هميشه هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. سيدال خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي مليل شاندار پروٽوڪول ٻنهي ملڪن جي گهرن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي. پاڪ- سعودي معاهدو پاڪستان ۾ ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو سنگِ ميل ثابت ٿيندو.











