پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين تاريخي باب جو اضافو

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين تاريخي باب جو اضافو ٿي ويو آهي، اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي تياري ۽ تڪميل ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل سعد عاصم منير جو اهم ڪردار نمايان آهي. جاري ڪيل تفصيلن موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپا ۽ دوستي هڪ نئين موڙ تي پهچي چڪي …





اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين تاريخي باب جو اضافو ٿي ويو آهي، اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي تياري ۽ تڪميل ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل سعد عاصم منير جو اهم ڪردار نمايان آهي. جاري ڪيل تفصيلن موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپا ۽ دوستي هڪ نئين موڙ تي پهچي چڪي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جو سعودي عرب جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ڪيو ويو. ان بيمثال عزت ۽ احترام اهو واضح ڪيو ته اهي لاڳاپا سفارتڪاري تائين محدود ناهن پر حرمين شريفين ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جي روضه پاڪ جي ڪري عقيدت ۽ اعتماد جي مضبُوط بنيادن تي قائم آهن. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن هڪ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جيڪو دفاعي تعاون ۽ گڏيل سلامتي ۾ انقلابي قدم آهي. انهيءَ معاهدي تحت ڪنهن به ملڪ تي حملو ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو، جيڪو دفاعي اتحاد ۽ گڏيل تحفظ کي مضبوط بڻائي ٿو. معاهدي تحت پاڪستان هاڻي حرمين شريفين جي تحفظ ۽ سعودي عرب جي سلامتي ۾ هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنر بڻجي ويو آهي. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل فوجي تعاون، گڏيل مشقن ۽ دفاعي لاڳاپن کي هڪ باضابطه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪري ٿو. ان معاهدي سان نه رڳو خطي ۾ امن ۽ عالمي سلامتي کي فروغ ملندو پر اقتصادي، سفارتي ۽ عسڪري ميدانن ۾ پڻ وڏا موقعا پيدا ٿيندا.









مزید خبریں