سعودي ولي عهد سان ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ شاندار استقبال تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا ٿورا ادا مڃيندي چيو آهي ته اهو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو مظهر آهي. سعودي ولي عهد سان ڳالهين دوران علائقائي چئلينجن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ شاندار استقبال تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا ٿورا ادا مڃيندي چيو آهي ته اهو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو مظهر آهي. سعودي ولي عهد سان ڳالهين دوران علائقائي چئلينجن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا رياض جي سرڪاري دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته رائل سعودي ايئر فورس جي جيٽ جهازن جو منهنجي جهاز کي گهيري ۾ وٺڻ ۽ سعودي هٿياربند فوج جي ايليٽ دستي جو گارڊ آف آنر اهو بي مثال استقبال پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجود محبت ۽ باهمي احترام جو مظهر آهي. هن چيو ته هن سعودي ولي عهد سان علائقائي چئلينجن ۽ ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺڻ سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم سعودي ولي عهد جي مسلم دُنيا لاءِ وزن ۽ قيادت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هو سعودي ولي عهد جي مسلسل حمايت ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سعودي سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ سندس گهري دلچسپي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي جي فروغ ۽ عظمت جي نئين بلندين کي ڇُهڻ جي دعا ڪئي.
 
 
 
مزید خبریں