اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي قيادت وچ ۾ دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار جي هڪ نئين باب جي شروعات ٿي آهي ۽ ان لاءِ ٻئي ملڪ دل جي گهراين سان مبارڪن جا مستحق آهن . جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پوري قوم وزيراعظم محمد شهباز شريف …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي قيادت وچ ۾ دفاعي معاهدي جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي قيادت وچ ۾ دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار جي هڪ نئين باب جي شروعات ٿي آهي ۽ ان لاءِ ٻئي ملڪ دل جي گهراين سان مبارڪن جا مستحق آهن . جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پوري قوم وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بصيرت ۽ قيادت تي فخر ڪري ٿي .سعودي عرب هميشه پاڪستان جو ساٿي رهيو آهي ۽ دفاعي معاهدو ان دوستي کي عملي شڪل ڏيڻ جي وڏي ڪاميابي آهي. ٻئي ملڪ اسلام ۽ امن جي گڏيل طاقت آهن ۽ انهن جو اتحاد ناقابل شڪست آهي . هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان اعتماد ۽ ڀائيچاري جو نئون بنياد رکيو آهي جيڪو مستقبل لاءِ سٺو سئنوڻ آهي ۽ اهو معاهدو پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ خطي ۾ امن سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم آهي جنهن تي پوري قوم فخر ڪري ٿي . مسلمان امت جي واحد اميد پاڪستان آهي ۽ پاڪستان هر قيمت تي امت جو دفاع ۽ تحفظ کي يقيني بڻائيندو . طالبان اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي











