قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب طرفان شاندار استقبال ۽ پروٽوڪول فراهم ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب طرفان شاندار استقبال ۽ پروٽوڪول فراهم ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو استقبال ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ناتن جو اظهار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جون نيون راهون کوليندو. هن چيو ته پاڪستان جي …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب طرفان شاندار استقبال ۽ پروٽوڪول فراهم ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو استقبال ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ناتن جو اظهار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جون نيون راهون کوليندو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت خادم الحرمين الشريفين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. سعودي عرب پاڪستان جو ٻيو گهر آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا مستحڪم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جو دؤرو اهميت جوڳو آهي. وچ اوڀر جي سيڪيورٽي صورتحال تي ٻنهي ملڪن جو مؤقف هڪجهڙو آهي.اي پي پي/م – ش/ح – ق 22:10

مزید خبریں