آءِ سي سي جي تڪراري ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر ۽ ٽيم جي ڪپتان کان معذرت ڪري ورتي

دبئي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) آءِ سي سي جي تڪراري ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر ۽ ٽيم جي ڪپتان کان معذرت ڪري ورتي. پي سي بي جي ترجمان مطابق اينڊي پائي ڪرافٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن کي هٿي ملائڻ کان منع ڪيو هو. پي سي بي اينڊي پائي ڪرافٽ جي ان عمل تي سخت ردِعمل جو اظهار ڪيو …

دبئي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) آءِ سي سي جي تڪراري ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر ۽ ٽيم جي ڪپتان کان معذرت ڪري ورتي. پي سي بي جي ترجمان مطابق اينڊي پائي ڪرافٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن کي هٿي ملائڻ کان منع ڪيو هو. پي سي بي اينڊي پائي ڪرافٽ جي ان عمل تي سخت ردِعمل جو اظهار ڪيو هو. اينڊي پائي ڪرافٽ 14 سيپٽمبر جي واقعي کي مس ڪميونيڪيشن جو نتيجو قرار ڏئي معذرت ڪئي. آءِ سي سي 14 سيپٽمبر تي ميچ دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي جي انڪوائري تي راضپي جو اظهار ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں