اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته خيبر پختونخوا، اسلام آباد، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تيز برسات ۽ ڳڙو پئجي سگهي ٿو، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات …
خيبر پختونخوا، اسلام آباد، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته خيبر پختونخوا، اسلام آباد، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تيز برسات ۽ ڳڙو پئجي سگهي ٿو، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي تنبيه جاري ڪئي آهي ته اربع جي رات ۽ 18 سيپٽمبر دوران آنڌاري/ جهڪ هلڻ، ڳڙو پوڻ ۽ گجگوڙ سبب روزانو جا معمول متاثر ٿيڻ، ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خدشو آهي. مسافر ۽ سياح سفر دوران محتياط رهن ۽ موسمي صورتحال مطابق پنهنجي سفر جو انتظام ڪن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه جي ڪجهه هنڌن تي برسات جڏهن ته ڪراچي ۾ هلڪي برسات پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت ۾ 42، دالبندين ۾ 41، نور پور ٺل، ڀڪر ۽ سبي ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











