حڪومت نوجوانن جي وڏي تعداد کي معاشي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ معيشت کي گهڻو نقصان پهچايو آهي، خواهش آهي ته پاڪستان ايندڙ وقت ۾ اونچي ڳاٽ سان بيٺل هُجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي وڏي تعداد کي شاندار نوڪريون، جديد مهارتن جي سکيا ۽ پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪري چئلينج مان معاشي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مُلڪ جي معيشت کي گهڻو نقصان پهچايو آهي، خواهش آهي ته پاڪستان ايندڙ وقت ۾ عظيم ڪاميابين سان اونچي ڳاٽ سان بيٺل هُجي. …

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي وڏي تعداد کي شاندار نوڪريون، جديد مهارتن جي سکيا ۽ پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪري چئلينج مان معاشي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مُلڪ جي معيشت کي گهڻو نقصان پهچايو آهي، خواهش آهي ته پاڪستان ايندڙ وقت ۾ عظيم ڪاميابين سان اونچي ڳاٽ سان بيٺل هُجي. پاڪستان ٽي وي ڊجيٽل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي مستقبل جو هڪ اهڙي خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ پاڪستان پنهنجي نوجوانن جي وڏي کيپ کي استعمال ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان پنهنجي زرعي شعبي کي سگهه ڏيندي، پيشيوراڻي تربيتي پروگرام وسيلي آبادي جي چئلينجن کي معاشي موقعن ۾ تبديل ڪيو ويندو. ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال بابت هڪ سوال تي وزيراعظم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته 23-2022ع ۾ پاڪستان ڏيوالو ٿين جي ويجهي پهچي ويو هو پر حڪومت جي پوري معاشي ٽيم ۽ سندس ذاتي ڪوششن سان حڪومت مُلڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون اهو بنا ڪنهن هٻڪ ۽ خوف جي اهو چئي سگهان ٿو ته غير معمولي ٽيم ورڪ ۽ ٽيم پاڪستان جي گڏيل ڪوششن، اڻٿڪ عزم ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ جي مقصد جي عزم سان هن وقت اسان هڪ مستحڪم معيشت آهيون. تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي حوالي سان سوال تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انهيءَ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اسان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي جنهن جو اسان اندازو به نه لڳايو هو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، صوبائي حڪومتن ۽ فوج جي گڏيل رد عمل ۽ ريسڪيو آپريشن جي گڏيل ڪوششن سان اسان هِن چئلينج کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هڪ سوال ته توهان پاڪستان کي ايندڙ ڏهاڪي ۾ ڪٿي بيٺل ڏسڻ ٿا چاهيو جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان هڪ قوم جي حيثيت ۾ معاشي استحڪام، امن ۽ خوشحالي جهڙين وڏين ڪاميابين سان اونچي ڳاٽ سان بيٺل هُجي. وزيراعظم چيو ته آئُون هڪ اهڙي ملڪ جو تصور ڪريان ٿو جيڪو معاشي خوشحالي ۽ ترقي ۾ عظيم سنگ ميل حاصل ڪري ۽ جنهن جو وڏي فوجي طاقت سان ڳاٽ اونچو هُجي.

مزید خبریں