وزيراعظم جو سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات جي لاءِ اچڻ جي موقعي تي شاندار استقبال

رياض – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات جي لاءِ اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي شاهي ديوان، قصر يمامه اچڻ تي شاهي پروٽوڪول سان گهوڙ سوارن استقبال ڪيو. سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان شاهي ديوان …

رياض – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات جي لاءِ اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي شاهي ديوان، قصر يمامه اچڻ تي شاهي پروٽوڪول سان گهوڙ سوارن استقبال ڪيو. سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان شاهي ديوان ۾ وزيراعظم جو پاڻ استقبال ڪيو. وزيراعظم کي سعودي هٿياربند فوج جي دستن گارڊ آف آنر پيش ڪيو. جنهن کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، هٿياربند فوج جو سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شريڪ ٿيا.

مزید خبریں