قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر جي وفد سان گڏ ملاقات

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان، حافظ احمد رضا قادري، حامد رضا ۽ ديوان علي چغتائي شامل هئا. پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڀارتي اڳرائي ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان، حافظ احمد رضا قادري، حامد رضا ۽ ديوان علي چغتائي شامل هئا. پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڀارتي اڳرائي ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي. اسپيڪر وفد سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ايوان ۾ موجود سمورا ميمبر مون لاءِ هڪ جهڙا آهن، 15هين قومي اسيمبليءَ جي پهرين 3.5 سالن ۾ ڪنهن به ميمبر جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا، ڪسٽوڊين آف دي هائوس جي حيثيت ۾ سمورن ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر يقيني بڻايا، پارليامينٽ جي ميمبرن جا مسئلا بنا فرق حل ڪرڻ منهنجي ترجيح آهي، پارليامينٽ هميشه ڪشمير مسئلي کي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمس تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي. هن آزاد ڪشمير ۾ تازو آيل طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون. اسپيڪر ڪشمير مسئلي کي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي عزم ورجايو ۽ 5 آسٽ 2019ع جي ڀارتي حڪومت جي هڪ طرفن قدمن جي مذمت ڪئي. هن چيو ته ڀارت طاقت جي ڏڍ تي ڪشميري عوام جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي. لطيف اڪبر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ گليشيئر پگهرجڻ سان شديد ٻوڏ جو خطرو آهي، موسمياتي تبديلين سبب گلگت بلتستان ۽ ڪشمير سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. چوڌري لطيف اڪبر، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪاوشن کي ساراهيو ۽ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، حق جي ويڙهه ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي عظيم فتح ڏياري، 10 مئي جي ڪاميابي پاڪستان جي عسڪري ۽ سفارتي فتح آهي.

مزید خبریں