راولپنڊي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) دفاعي پيداوار بابت وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج چيو آهي ته حڪومت خاص ڪري دفاعي پيداوار واري وزارت ايران سان ناتن ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پُرعزم آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ناتا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن. وزارت مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن اسلامي جمهوريه ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات دوران چئي، جنهن …
ڀائر ملڪ ايران سان ملڪي ناتن ۾ بهتريءَ لاءِ پُرعزم آهيون: وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج

مزید خبریں
راولپنڊي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) دفاعي پيداوار بابت وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج چيو آهي ته حڪومت خاص ڪري دفاعي پيداوار واري وزارت ايران سان ناتن ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پُرعزم آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ناتا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن. وزارت مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن اسلامي جمهوريه ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات دوران چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص ڪري دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجن ڀائراڻن ناتن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان کي هڪ ويجهو دوست ۽ پاڙيسري سمجهي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان حڪومت خاص ڪري دفاعي پيداوار واري وزارت اسلامي جمهوريه ايران سان ناتن ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پُرعزم آهي. سفير وفاقي وزير کي پنهنجي سهڪار جي خاطري ڏياريندي چيو ته ايران پاڪستان سان ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فائديمند آهن. هن چيو ته ايران علائقائي سهڪار وڌائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان سان اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو به ارادو رکي ٿو.











