قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر جي ملاقات

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي دعوت تي پاڪستان جي دؤري تي آيل مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله ۽ ساڻس پارلياماني وفد جو پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن پارلياماني ناتن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي دعوت تي پاڪستان جي دؤري تي آيل مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله ۽ ساڻس پارلياماني وفد جو پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن پارلياماني ناتن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن پارلياماني سهڪار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي سردار اياز صادق ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن ۾ جڙيل آهن، خطي ۾ امن ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پارلياماني سفارتڪاري اهم آهي، فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ جٽادار امن ممڪن ناهي، عالمي برادري فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري. مسلم اُمت کي فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام جي حق ۾ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني فورسز ۽ عوام دهشتگردي جهڙي ناسُور جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري ريه آهي، اسرائيل ڀارت ڳٺجوڙ خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي، قطر تي اسرائيلي بمباري تي مسلم ملڪن جي اجتماعي مذمت وقت سر قدم آهي، اسرائيل انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته اسرائيل فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيل طرفان خطي جي ملڪن جي سرحدن جي ڀڃڪڙي شرمناڪ فعل آهي، اسرائيلي ايجنڊا عالمي امن لاءِ سنگين خطرو آهي. اسپيڪر والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪشميري عوام جي آزاديءَ واري جدوجهد کي هر سطح تي پاڪستان جي حمايت حاصل آهي. اسپيڪر ڀارت خلاف پاڪستان جي تازي فتح تي قوم ۽ پاڪستاني فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ـ چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي پوري قوم ۽ اتحاد ۽ فوج جي جرئت ۽ قربانين جو ثمر آهي، ڀارتي اڳرائي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان هميشه سرخرو ٿيو آهي، سارڪ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻه طرفن رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي جي تمام وڌيڪ ويجهو ايندو. هن چيو ته پاڪ- مالديپ فرينڊشپ گروپ ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مالديپ جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال تي شڪريو ادا ڪريون ٿا. پاڪستان ۽ مالديپ جا ناتا ڀائراڻا ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان جو فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي تي چٽو مؤقف تعريف جوڳو آهي، پارلياماني سطح تي ويجها رابطا عوامي سطح تي ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.

مزید خبریں