اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته عراق جي مقدس جاين جي زيارتن لاءِ 50 سال کان ننڍي عمر وارن اڪيلي مردن کي ويزا جاري نه ڪئي ويندي. هڪ بيان ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته عراق جي اختيارين زائرين لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون آهن جن مطابق عراق ۾ مقدس جاين جي زيارتن لاءِ عمر جي حد مقرر ڪئي وئي …
عراق جي مقدس هنڌن جي زيارتن لاءِ 50 سال کان ننڍي عمر وارن اڪيلي مردن کي ويزه جاري نه ڪئي ويندي: مذهبي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته عراق جي مقدس جاين جي زيارتن لاءِ 50 سال کان ننڍي عمر وارن اڪيلي مردن کي ويزا جاري نه ڪئي ويندي. هڪ بيان ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته عراق جي اختيارين زائرين لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون آهن جن مطابق عراق ۾ مقدس جاين جي زيارتن لاءِ عمر جي حد مقرر ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ هو ته 50 سال کان ننڍي عمر وارن اڪيلي مردن کي زيارت ويزا جاري نه ڪيا ويندا، 50 سال کان ننڍي عمر وارن مردن کي خاندانن سان گڏ درخواست ڏيڻ تي زيارت ويزا جاري ڪئي ويندي.











