رياض – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. ڪنگ خالد ايئرپورٽ رياض پهچڻ تي رياض جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، پاڪستان جي سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سفارتي عملدارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني …
وزيراعظم سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو

مزید خبریں
رياض – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. ڪنگ خالد ايئرپورٽ رياض پهچڻ تي رياض جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، پاڪستان جي سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سفارتي عملدارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جي رياض اچڻ تي پوري شهر ۾ سبز هلالي جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جهاز جو سعودي عرب جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي سعودي فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو جهاز جيئن ئي سعودي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته سعودي فضائيه جي ايف 15 ويڙهاڪ جهازن وزيراعظم جي جهاز کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ورتو. وزيراعظم سعودي عرب جي فضائي حدن ۾ ڀرپور استقبال تي سعودي عرب جي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا ادا ڪيا. سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ماحوليات وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات جي لاءِ شاهي ديوان، قصر يمامه ويندو. قصر يمامه ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو باضابطا استقبال ٿيندو. ٻطرفي ملاقات ۾ پاڪستان سعودي عرب لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. دوري دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي عملي جامعو پارائڻ جي حوالي سان باضابطا اڳڀرائي متوقع آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.










